سوچون سُرها گل

سوچون سُرها گل

سوچون سُرها گل

سوچون سُرها گل (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي ٻن ناميارن اديبن ۽ شاعرن اياز گل ۽ تاج جويي جي شاعريءَ جو گڏيل ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرئين حصي ۾ اياز گل جا نظم، گيت، آزاد نظم، غزل، دوها، ترائيل، ٽيڙو ۽ بيت شامل آهن، جنهن جو مهاڳ ’نوان پلٽيل سڪا‘ جي عنوان سان تنوير عباسيءَ جو لکيل آهي، جڏهن ته ٻيو حصو تاج جويي جي شاعريءَ، بيتن، وائين، دوهن، گيتن، غزلن، نظمن، آزاد نظمن، رينگن ۽ ڇتارن تي مشتمل آهي، جنهن جو پيش لفظ (مهاڳ) شمشيرالحيدري، ’وڄ- وراڪا سوچ‘ جي عنوان سان لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ اياز گل ۽ تاج جويي جي ابتدائي شاعري به شامل آهي.
اياز گل جي شاعريءَ بابت تنوير عباسيءَ لکيو آهي ته: ”اياز گل وٽ نظم، غزل، آزاد نظم، ترائيل، دوها، بيت، ٽيڙو سڀ آهن، پر گهڻن نظمن ۽ آزاد نظمن ۾ روايتي انقلاب پسندي مٿس غالب اچي وئي آهي.“
ساڳيءَ ريت تاج جويي جي شاعريءَ جي حوالي سان ناليواري اديب شمشيرالحيدريءَ پنهنجي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته: ”تاج جويي جي ذهني ماحول واري دنيا اها ئي آهي، جيڪا لطيف جي ’ملير‘ واري دنيا آهي. تاج، نئين ٽهيءَ جي انهن شاعرن ۾ گهڻو اهم آهي، جيڪي ماضيءَ جي بي انصافين تي برهم آهن، جن کي حال جي حالتن تي بي اطميناني آهي ۽ جن وٽ مستقبل لاءِ جدوجهد جو پيغام آهي.“
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1978ع ۾ سنڌ اشاعت گهر، سڪرنڊ شايع ڪيو هو. بئڪ ٽائٽل تي اياز گل ۽ تاج جويي جي تصويرن سان گڏ سندن مختصر تعارف ڏنل آهي. ڪچي جلد سان، ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب 83 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جو مُلهه 5 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو